اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي الزام ۾ گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي اسٽيٽس ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.نگران وزيراعظم جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي سميت اهم معاملن کي اجاگر ڪندو.هن چيو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪن ٿا، ڀارت ڏهاڪن کان ڏکڻ ايشيا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي، پاڪستان اميد ڪري ٿو ته دنيا ۾ ڪٿي به پاڪستاني ۽ ڪشميري هجن انهن کي لاڳاپيل حڪومتون تحفظ فراهم ڪن.هن چيو ته 2016ع ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪيو ويو، ڀارتي ڪمانڊر پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جو اعتراف ڪيو، ڀارت کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ جو ڊوزيئر ڏنو ويو، ڀارت جون 2021ع ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي جو به اعتراف ڪيو. لاهور ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪيون.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ رابطي جو اهم فورم ٻنهي ملڪن جا سفارتخانا آهن. انڊس واٽر ڪمشنرز به هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو فورم به هلي رهيو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪينيڊا ۾ ڀارت طرفان سک جي ٽارگيٽ ڪلنگ افسوسناڪ آهي.ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي بيان کي ساراهيندي چيو ته ترڪي هميشه والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، ڪلڀوشن ياديو جي حيثيت ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڀارت سان ملاقاتن جو ڪو به امڪان ناهي.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ افغانستان طرفان موڪليل مبارڪباد واري خط جو جواب ڏنو.اهڙا خط باقاعدي مليا ۽ جواب ڏنا وڃن.هن چيو ته گذريل رات افغانستان لاءِ آمريڪا جي خاص نمائندي ۽ پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني وچ ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ گڏيل سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










