ٺري ميرواھ (رپوٽ امتياز علي شر )ڳوٺ ھيڪل شريف ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چوپائي مال ۾ سردي وڌندي ئي بيمايون پکڙجي ويون آهن ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿي ويا غريبن کي لکين روپين جون نقصان پھچي رھيو آهي ان ڏس ۾ ٺري ميرواھ جي مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ سخت سردي جي ھجڻ سبب چوپائي مال ۾ بيماريون پکڙجي ويون آهن جنهن سبب ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿي رھيا آهن ان ڏس ۾ ورتل ڄاڻ موجب جانور گھوگھو ۽ ڦڦڙي مهاڙو ۽ ٻين موتمار بيماري ۾ وٺجي مري رھيا آهن موتمار بيماري ۾ مينھون , ڳئون , ٻڪريون , ۽ رڍون مرڻ لڳيون آهن سوين جي تعداد ۾ جانور مري ويا جنهن سبب ڀاڳيا سخت پريشاني ۾ ورتل آهن ٻئي طرف ٺري ميرواھ تعلقي ۾ قائم جانورن جون سرڪاري اسپتالون علائقي واسين لاء بي لاڀ بڻيل آهي اسپتال جو عملو ۽ ڊاڪٽر اسپتال مان غائب رھڻ لڳا , ان حوالي سان مالوند فوجي رٽائرڊ ارباب شر عبدالرسول شر لياقت علي شر ممتاز شر ربنواز شر ۽ ٻين چيو ته ورھين کان ڪڏهن به اسان ڏانهن سرڪاري عملدار لڙي ناھن آيا نه ئي ڪڏهن جانورن کي ڪنهن قسم جي ويڪسين ڪئي وڃي ٿي غربت سبب پنهنجي مال جو علاج نه ٿا ڪرائي ڪرائي سگھون ۽ چوپايو مال مري وڃي ٿو علائقن ۾ تيزي سان پکڙندڙ بيماري کان بجاء جا ويڪسين توڙي علاج ڪرڻ لاء ڪي به اپاء نه ورتا ويا آهن هنن مطالبو ڪيو ته جانورن کي ويڪسين ڪرائي وڌيڪ جانورن کي مرڻ کان بچايو وڃي










