سخت گرمي سبب 25 مور مري ويا،ڪيمپ قائم ڪرڻ جو مطالبو

سخت گرمي سبب 25 مور مري ويا،ڪيمپ قائم ڪرڻ جو مطالبو

ٿرپارڪر (ن س )ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سنڌ صوبي جو ضلعو ٿر پارڪر به سخت گرمي جي لهر کان متاثر آهي، ٿر پارڪر ۾ به 25 مور مري ويا آهن.جهنگلي جيوت کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر موجب ٿرپارڪر ۾ سخت گرمي سبب 25 مور مري ويا آهن.مير اعجاز ٽالپر جو چوڻ آهي ته مٺي پولٽري سينٽر ۾ 21 مورن مان صرف 10 کي بچايو ويو آهي، جڏهن ته متاثر علائقن ڏانهن ٽيمون موڪليون پيون وڃن.ٻئي طرف مورن جي فوت ٿيڻ بابت علائقي جي رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته سوين مور مري رهيا آهن، سندن علاج لاءِ ڳوٺ سطح تي ڪيمپ قائم ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو