ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي 18 سالن کان لياري کي پيرس بڻائڻ جو واعدو ڪري رهي آهي، پر اتي ايندڙ هر پيڪيج ۾ ڪرپشن جو انبار لڳل آهي. لياري اٺ چوڪ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي منعم ظفر چيو ته ناصر حسين شاهه لياري ٽرانسميشن پراجيڪٽ جو اعلان ڪيو، لياري جي روڊن جي تعمير جو چيو ۽ اهو به چيو ويو ته سيوريج سسٽم جي مرمت ڪئي ويندي ۽ علائقي ۾ صاف پاڻي ايندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي 18 سالن کان اهي سڀ واعدا ڪري رهي آهي. لياري کي پيرس بڻائڻ جو واعدو به 18 سالن کان ڪيو پيو وڃي. هتي ايندڙ هر پيڪيج ڪرپشن جو اسڪينڊل آهي. منعم ظفر اهو به چيو ته لياري ٽائون پيپلز پارٽي وٽ آهي، پيپلز پارٽي لياري جي هر يونين ڪائونسل کي 20 ملين رپيا ڏنا، 13 يونين ڪائونسلون آهن جن کي 2 سالن ۾ 520 ملين رپيا ڏنا ويا. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير پڇيو ته “گذريل 3 سالن کان شهر لياري ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي يا مقامي حڪومت جي وزير ڇا ڪيو آهي؟” لياري جي ماڻهن سان ٺڳي ڪئي پئي وڃي، لياري اڃا تائين پٿر جي دور ۾ آهي. منعم ظفر خان وڌيڪ چيو ته اهي ‘حق دو لياري ڪي عوام ڪو’ نالي هڪ مهم شروع ڪرڻ وارا آهن.










