اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته موجوده حڪومتي اتحاد ۾ پ پ جو رهڻ ملڪي مفاد ۾ آهي.اسلام آباد ۾ پ پ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته حڪومت آرڊيننس بابت پ پ جي واڪ آئوٽ کي سنجيدگيءَ سان ورتو، جيڪا هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي.هن چيو ته حڪمران اتحاد اندر مڪمل هم آهنگي آهي ۽ اهو ئي ملڪ لاءِ فائديمند آهي، پي ٽي آءِ سميت سڀني سياسي جماعتن کي ذاتي مفادن بدران ملڪي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.










