پٽ جي خيالن حيران ۽ سوچڻ تي مجبور ڪيو، ملائڪا اروڙا

پٽ جي خيالن حيران ۽ سوچڻ تي مجبور ڪيو، ملائڪا اروڙا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ملائڪا اروڙا پنهنجي پٽ ارهان خان بابت چيو ته سندس شادي ڪرڻ ۽ ٻار پيدا ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي.پنهنجي تازي انٽرويو ۾، اداڪارا پنهنجي پٽ ارهان خان سان هڪ دلچسپ ڳالهه ٻولهه شيئر ڪئي، جنهن ۾ سندس خيالن کيس حيران ڪيو ۽ کيس سوچڻ تي مجبور ڪيو.ارباز خان جي اڳوڻي زال، 52 سالن جي ملائڪا اروڙا چيو ته سندس پٽ نه رڳو هن سان ويجهو رشتو شيئر ڪري ٿو پر اڪثر ڪري کيس سنجيده ۽ حقيقت پسند صلاح پڻ ڏئي ٿو.شادي ۽ ٻارن تي پنهنجي پٽ جي منفرد موقف بابت، ملائڪا اروڙا چيو ته ارهان کيس چيو، ‘ماما، مان شادي نه ڪندس، تنهنڪري ناني بڻجڻ جي اميد ڇڏي ڏيو. اداڪارا وڌيڪ چيو ته سندس پٽ کيس ٻڌايو ته جڏهن هوا جي معيار جو انڊيڪس 500 يا 1000 آهي، ته مان ٻارن کي هن دنيا ۾ ڇو آڻڻ چاهيندس؟ “هو ان جي لائق ناهي.” پهرين ته، مون کي پنهنجي پٽ جي اها ڳالهه ٻڌي حيرت ٿي، پر بعد ۾ مون کيس چيو ته مان توهان جي فيصلن جو احترام ڪندس. توهان جيڪو به فيصلو ڪيو، بس خوش رهو.

پهنجو تبصرو موڪليو