اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو اسفند يار والي سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي جي يو آءِ جي آزادي مارچ کان اڳ اي پي سي گهرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ملاقات دوران حڪومت مخالف تحريڪ ۽ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي حوالي سان تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا. بلاول سان گڏ سيد نيئر بخاري ، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ فرحت الله بابر هئا يوسف رضا گيلاني نه پهچي سگهيو.

جڏهن ته اسفند يار ولي سان گڏ زاهد خان، ميان افتخار حسين، امير حيدر هوتي ۽ شاهي سيد موجود هئا. ملاقات بعد پ پ سينيٽر فرحت الله بابر ۽ اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار حسين ميڊيا کي گڏيل بريفنگ ڏني. فرحت الله بابر جو چوڻ هو ته اپوزيشن متحد آهي ۽ رهندي، ٻنهي جماعتن جي سربراهن وچ ۾ ملاقات جو مقصد آزادي مارچ کي اڳتي وٺي هلڻ هو. هُن چيو ته پيپلز پارٽي آزادي مارچ کان اڳ اپوزيشن جي اي پي سي گهرائڻ جي تجويز رکي آهي. پي ٽي آءِ سرڪار کي گهر وڃڻو پوندو. هو مطالبو ڪن ٿا ته ملڪ ۾ شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرايون وڃن .ميان افتخار حسين چيو ته سندن پارٽي آزادي مارچ کان اڳ اي پي سي گهرائڻ واري تجويز سان اتفاق ڪري ٿي، ڇاڪاڻ جو آزادي مارچ جو اعلان مولانا فضل الرحمان ڪيو آهي، تنهن ڪري هو ئي اپوزيشن جي اي پي سي گهرائڻ لاءِ لائحه عمل جوڙي ته جيئن مارچ جي ڪاميابي جا امڪان وڌيڪ روشن ٿين.










