ٺٽو (رپورٽ جاويد ميمڻ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي 9 وارڊن مان ٻن وارڊن تي پ پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا هئا. جڏھن تـ 7 وارڊن تي ٿيندڙ پ پ پ جا سمورا اميدوار ڪامياب جڏھن تـ ٺٽي جي صرف ھڪ ٽائون ڪميٽي ميرپور ساڪرو جي ٽن وارڊن مان ٻن وارڊن تي اڳوڻي چيئرمن اقبال خاصخيلي جي آزاد گروپ جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي ٽائون ڪميٽي ميرپور ساڪرو تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي وڏي مارجن تان بدترين شڪست ڏني. جڏھن تـ ھڪ وارڊ تي پ پ پ کي ڪاميابي حاصل مجموعي طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي سموري ضلعي مان ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي ياد رھي تـ ضلعي ٺٽي ۾ سياسي طور تي وڏي سياسي گروپ شيرازي گروپ پاران گذريل جنرل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کانپوء ضلعي ٺٽي ۾ پ پ پ جي سامھون مظبوط اميدوار نـ ھجڻ ڪري پيپلز پارٽي بلدياتي چونڊن ۾ پڻ ٺٽي ضلعي مان ڪاميابي ماڻي ورتي










