راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شيرين مزاري پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪجهه دير بعد راولپنڊي مان پنجاب اسمبلي جي چونڊيل پي ٽي آءِ جي ايم پي اي فياض الحسن چوهاڻ به پريس ڪانفرنس ۾ پارٽي ۽ سياست ڇڏن جو اعلان ڪيو. شيرين مزاري پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته هاڻي منهنجو ٻار، ماءُ ۽ منهنجي صحت پهرين ترجيح آهي، اڄ کان پي ٽي آءِ يا ڪنهن سياسي پارٽي جو حصو ناهيان. گذريل 10، 12 ڏينهن جي وچ ۾ منهنجي صحت خراب ٿي وئي هئي. هن چيو ته رياستي ادارن کي نشانو بڻائڻ جي هر ڪنهن کي مذمت ڪرڻ گهرجي، 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جي به مذمت ڪريان ٿو.ياد رهي ته شيرين مزاري کي 9 مئي جي واقعي کانپوءِ 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو هو. شيرين مزاري پارٽي قيادت يا رياستي ادارن سان ڪا غلا نه ڪئي پر فياض الحسن چوهاڻ چيو ته پارٽي اڳواڻ گرفتار ٿيا پر عمران خان ڪنهن جي مذمت نه ڪئي، هن چيو ته منهنجي خاندان جا 4 ڀاتي گرفتار ٿيا.










