پي ٽي آءِ کي ڪجهه معاملن ۾ بهتري آڻڻ گهرجي: راڻا ثناءُالله

پي ٽي آءِ کي ڪجهه معاملن ۾ بهتري آڻڻ گهرجي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ڳالهين جي لاءِ راضي نه آهي. پي ٽي آءِ وارا جڏهن ملندا آهن ته چوندا آهن پي ٽي آءِ باني ڳالهين جي لاءِ تيار نه آهي.نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهين جي دوران راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ وارا اهو به چون ٿا ته باني سان ملڻ جو موقعو ملندو ته انهي کي راضي ڪري وٺنداسين.راڻا ثناءُالله مشورو ڏنو ته پي ٽي آءِ واپس اچي ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ويهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ڪجهه شين تي حڪومت سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ڪجهه جڳهين تي اهڙن معاملن ۾ بهتري آڻڻ گهرجي.هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن جي تيارين مان لڳي ٿو ته اهي 8 فيبروري جي سڏ کي واپس نه وٺندا. اهي احتجاج جي ناڪامي کان پوءِ پارليامينٽ ۾ اچن ۽ ڀرپور طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن.محمود خان اچڪزئي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته محمود اچڪزئي ۽ نوازشريف وچ ۾ رابطي جي مون کي خبر نه آهي. اچڪزئي اسان جو مشڪل وقت جو ساٿي آهي. انهي جي باري ۾ نوازشريف ۽ شهباز شريف جا مثبت خيال آهن. هن چيو ته ايندڙ هفتي سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي مقرري جو پراسيس شروع ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو