لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 2014 واري ڌرڻي خلاف درخواست 10 سالن کانپوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عاليه نيلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني فل بينچ 10 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي.تحريڪ انصاف جي ڌرڻي خلاف درخواست داخل ڪندڙ وڪيل اي ڪي ڊوگر لاڏاڻو ڪري ويو.ان حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي.










