پي ٽي آءِ وزيراعظم جي ڳالهين واري آڇ  رد ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ وزيراعظم جي ڳالهين واري آڇ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) وزيراعظم شهباز شريف جي ڳالهين جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ شيخ وقاص اڪرم جو چوڻ آهي ته حڪومت جو رويو سياسي خوف ۽ ذهني ڏيوالپڻي جي علامت آهي، حڪومت ڳالهين کي دوکي طور استعمال ڪري رهي آهي ۽ عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي.شيخ وقاص اڪرم پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ کان معافي جو مطالبو سياسي خوف ۽ حڪومت جي ذهني ڏيوالپڻي جي علامت آهي، حڪمرانن کي پيشگي شرطن جي بنياد تي ڳالهين جو مطالبو نه ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته حڪومت موجوده بحرانن جو ڳالهين ذريعي حل ڳولڻ لاءِ تحريڪ تحفظ العين پاڪستان سان ڳالهائي سگهي ٿي.شيخ وقاص اڪرم چيو ته حڪومت محمود اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس سان رابطو ڪري سگهي ٿي.هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪنهن به حالت ۾ حڪومت سان ڳالهين ۾ شامل نه ٿيندي، شهباز شريف جي ڳالهين جي آڇ دوکي ۽ متضاد موقف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو