پي ٽي آءِ جي 43  ميمبرن کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيڻ جو فيصلو

پي ٽي آءِ جي 43 ميمبرن کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 43 ميمبرن کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ 43 قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم معطل ڪندي 43 تڪن تي ضمني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.هاڻي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ناهي مليو، خبرن ۾ ٻڌو ويو آهي ته عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي، اسپيڪر جو فيصلو اڃا برقرار آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي قانوني ٽيم سان مشاورت ڪئي پئي وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي فيصلن جي روشني ۾ حڪمت عملي جوڙي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو