پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻن جو  جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل

پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻن جو جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻن جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت شعيب شاهين ايڊووڪيٽ جي درخواست تي پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز زين قريشي، شير افضل مروت ۽ شيخ وقاص اڪرم جي جسماني رمانڊ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن اسان آرڊر ڏيون ٿا ته ڇا جوابدارن جي عدالت ٿيندي؟ جسماني رمانڊ جو اهو حڪم برقرار نٿو رکي سگهجي، پر جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته ڇا ٿيندو؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت وڌيڪ جسماني رمانڊ نه ڏئي، ٽرائل ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ رمانڊ جو ڪو به سبب ناهي لکيو.چيف جسٽس عامر فاروق پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جسماني رمانڊ جي فيصلي جو ڪيئن دفاع ڪندا؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر جوابدارن خلاف ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ چيف جسٽس چيو ته سڀاڻي جمعو آهي ۽ 2 رڪني بينچ ناهي، سڀاڻي صبح 10 وڳي 2 رڪني خاص بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل ڪرڻ سان خراب تاثر ويندو، جنهن تي عدالت چيو ته ڇا خراب تاثر ڏيندو؟ وضاحت ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو