پي ٽي آءِ جي صلاحڪار فيض  خلاف فيصلو حق جي فتح آهي

پي ٽي آءِ جي صلاحڪار فيض خلاف فيصلو حق جي فتح آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته فوج ۾ خود احتسابي جو عمل تمام گهڻو مضبوط آهي جنهن جي مثال سڀني ڏسي ورتي، فيض حميد پي ٽي آءِ جو سياسي صلاحڪار به هو، اڄ جو فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي.هن چيو ته فيض حميد جي خلاف شاهدين جي بنياد تي فيصلو آيو اڄ ريڊ لائن ڪراس ڪندڙ شخص کي سزا ملي آهي، فيض حميد کي ٽرائل ۾ دفاع جو به موقعو ڏنو ويو هو.اطلاعات واري وزير چيو ته فيض حميد کي موقعو ڏنو ويو ته هو پنهنجو دفاع ڪري ۽ گواهه به پيش ڪري، سمورن گواهن جا بيان قلمبند ڪرڻ ۽ شاهدين کي سامهون آڻڻ کان پوءِ انصاف تي ٻڌل فيصلو آيو آهي، قانون کان ڪير به مٿانهون نه آهي.هن چيو ته ريڊ لائن ڪراس ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، فيض حميد پنهنجي اٿارٽي کي غلط استعمال ڪيو، سياسي معاملن جي وڌيڪ جاچ ٿيندي، فيض حميد سمورن الزامن جو حقدار قرار ڏنو ويو، ٽاپ سٽي ڪيس ۾ به سزا ڏني وئي.اطلاعات واري وزير چيو ته فوج ۾ خود احتسابي جو عمل تمام گهڻو مضبوط آهي جنهن جي واضح مثال سڀني ڏسي ورتي، فيض حميد پي ٽي آءِ جو سياسي صلاحڪار به هو، اڄ جو فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو