اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران مارجي ويلن جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ موسمياتي تبديلي اٿارٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران خيبرپختونخواهه حڪومت جي وڪيل زباني درخواست ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ڪالهه ٻنهي ڌرين ۾ موت واقع ٿيا، آئيني بينچ پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي.ان تي جسٽس مسرت هلالي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو سياست جي ڳالهه ڪريو، جڏهن ته جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اهو معاملو اسان جي سامهون ناهي، هو ان تي ڳالهائڻ نٿا چاهين،آئيني بئنچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته معاملو اسان جي سامهون نه ٿو ڏسي سگهجي، بعد ۾ عدالت جي آئيني بئنچ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ خيبرپختونخواهه جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي زباني درخواست رد ڪري ڇڏي.










