پي ٽي آءِ جو لاهور ۾ ٻي جلسي جي اجازت لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

پي ٽي آءِ جو لاهور ۾ ٻي جلسي جي اجازت لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي سينيئر نائب صدر مينار پاڪستان تي جلسي لاءِ ڊي سي لاهور کي درخواست جمع ڪرائي هئي پر هاڻي پاڪستان تحريڪ انصاف لاهور ۾ جلسي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نئين درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اڪمل خان بري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ پنجاب حڪومت ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاهور کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 5 آڪٽوبر تي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي سالگرهه آهي، ان ڪري مينار پاڪستان جي گرائونڊ ۾ ريلي جي اجازت ڏني وڃي.درخواست ۾ يقين ڏياريو ويو آهي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ قانوني ضابطن تي مڪمل عمل ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو