پي ايس ايڪس ۾ 6235 پوائنٽس جي واڌ، 217 ارب رپين جا سودا طئي

پي ايس ايڪس ۾ 6235 پوائنٽس جي واڌ، 217 ارب رپين جا سودا طئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هلندڙ هفتي ڪاروبار دوران مثبت رجحان ڏٺو ويو.100 انڊيڪس ڪاروباري هفتي دوران 6235 پوائنٽس جي واڌ سان 117586 تي بند ٿيو، 100 انڊيڪس ڪاروباري هفتي دوران 6451 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو.پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس جي هفتي جي اوچائي 118367 هئي جڏهن ته 100 انڊيڪس جي هفتي جي گھٽ سطح 111916 هئي.مارڪيٽ ۾ هفتي دوران 5 ارب 22 ڪروڙ شيئرز جو واپار ٿيو، شيئرز مارڪيٽ جو هفتيوار ڪاروبار 217 ارب رپيا رهيو جڏهن ته هڪ هفتي دوران مارڪيٽ سرمائيداري 506 ارب رپيا وڌي 14633 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو