اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي ايئر لائن(پي آءِ اي) اسلام آباد کان لنڊن لاءِ اڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پي آءِ اي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد کان لنڊن لاءِ هفتيوار 4 اڏامون آپريٽ ڪيون وينديون. لنڊن جون اڏامون هيٿرو ايئرپورٽ جي جديد ترين ٽرمينل 4 تان آپريٽ ٿينديون.قومي ايئر لائن جي ترجمان چيو آهي ته لنڊن جي لاءِ پي آءِ اي جي پهرين اڏام 29 مارچ کان روانو ٿيندي. ترجمان موجب پي آءِ اي جي لنڊن لاءِ اڏام 6 سالن جي ڊگهي وقفي کان پوءِ رواني ڪئي پئي وڃي. لنڊن پي آءِ اي جو سڀني کان پهريون عالمي ۽ انتهائي پرڪشش روٽ آهي.ترجمان چيو ته پي آءِ اي پهريان ئي مانچسٽر لاءِ هفتيوار 3 اڏامون آپريٽ ڪري رهي آهي. ياد رهي ته دفاع واري وزير خواجه آصف آڪٽوبر 2025 ۾ اسلام آباد کان مانچسٽر لاءِ هفتيوار 3 اڏامون آپريٽ ڪرڻ جو افتتاح ڪيو هو جنهن کان پوءِ پهرين اڏام مانچسٽر پهتي هئي.










