اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي طرفان پارليامينٽ ۾ حڪومت سان سهڪار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، پاڪستان پيپلزپارٽي ايندڙ حڪم تائين پارليامينٽ ۾ حڪومت سان سهڪار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پيپلزپارٽي قانونسازي جي عمل ۾ پڻ حڪومت جو ساٿ نه ڏيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ حڪومتي بلن جي حمايت نه ڪندي، جڏهن ته منظوري واري مرحلي ۾ پڻ حڪومتي بلن جي مخالفت ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ حڪومتي بلن بابت ضروري ترميمون پڻ پيش ڪندي.










