نوشھرو فيروز(ڊ ر)اڳوڻي وفاقي وزير جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي ۽ نيشنل پيلز پارٽي جي صوبائي صدر مسرور خان جتوئي جي مورو لنجار ھائوس سميت ستن ڪيسن جي ٻڌڻي اڄ دھشدگردي ڪورٽ ۾ رکيل ھئي جج موڪل تي ھئڻ ڪري سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي جيڪا 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي ڪورٽ کان ٻاھر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته تاريخ ،ٿان تاريخ آھي ھر ٻئي ٽئي ڏينھن ٻڌڻي آ سمورا ڪيس ڪوڙا ھٿ ٺڪيا آھن پر ڪا ڳالھ نه آھي اسان ڪورٽ سڳوري ۾ ايندا رھنداسين ملڪ جون حالتون تمام خراب آھن ھٿ وٺي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪئي وڃي پيپلا ھر ھربو استعمال ڪري ماڻھن کي يرغمال پيا بنائين توھان ڏٺو سکر ۾ پوليس چوڻ نه ڪين ته پوء پنھنجا گھنڊا گھرائي وڪيلن تي حملو ڪرايو پوء جيڪا انھن سان ٿي اھا به دنيا ڏٺي حملي آورن کي وڪيلن ٻڌي پوليس حوالي ڪيو اتان بغير پڇا ڳڇا ڪيس داخل ڪرڻ سواء سڀني کي پوليس با عزت بري ڪري ڇڏيو معني پوليس مڪمل مڪمل ڪمداري ڪئي ايم اين اي ذوالفقار بھڻ جي چوري واپس ٿيڻ جي سوال جي جواب ۾چيو سٺي ڳالھ آ ايڏو وڏو ڏوھ رڪور ٿيو ان مان اھو به ثابت ٿيوته پوليس سچائي تي چڙھي ته سڀ ڪجھ ڪري سگھي ٿي پر حڪمران نه ٿا چاھين ته غريبن کي به ڪو انصاف ملي 27ھين آئيني ترميم تي ڳالھندي غلام مرتضي چيو ته 27 کان پوء 28۔29 ترمیم بہ اچڻ واري آھي اصل امتحان ته ھاڻي پيپلز پارٽي جو ٿيندو 27 ترميم ته ڪجھ ڏيو ڪجھ وٺو تحت وئي ھاڻي ڏسو ته پيپلز پارٽي ڪاڏي ٿي وڃي جي ڊي جو اجلاس جلد ٿيندو ان کان پوء جي ڊي اي پنھنجي لاھي عمل جو اعلان ڪندي ۔










