پيٽرول 1.63 ۽ ڊيزل 1.55 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جو اعلان

پيٽرول 1.63 ۽ ڊيزل 1.55 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران عوام مٿان پيٽروليم شين جو هڪ ٻيو ٻوجهه لاڏيندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وري واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران اربع 29 جولاءِ کان لاگو ٿيندڙ نون اگهن جو سرڪاري نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 1 رپيو 63 پيسا في ليٽر جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت وڌي 335 رپيا 81 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي، گاڏين ۽ زراعت ۾ استعمال ٿيندڙ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ پڻ 1 رپيو 55 پيسا في ليٽر جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد ڊيزل جو نئون اگهه 388 رپيا 38 پيسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. نون اگهن جو اطلاق رات ٻارهين وڳي کان ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو