پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ٻيهر واڌ جو امڪان

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ٻيهر واڌ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 16 جولاءِ کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو امڪان آهي. پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 7 رپيا 67 پئسا ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 3 رپيا 72 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.ٻئي ڌمڪي ۾ هن ڀيري شهرين کي پيٽرول جي اگهه ۾ 7 رپيا 67 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا 72 پئسا في ليٽر جو اضافو 16 جولاءِ 2024 کان شروع ٿيندڙ ايندڙ هفتي تائين برداشت ڪرڻو پوندو.ايندڙ هفتي ۾ پيٽرول جي نئين قيمت 273.28 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 281.17 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.گاسليٽ جي قيمت ۾ 2 رپيا 73 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل (ايل ڊي او) جي قيمت ۾ 0.92 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.گاسليٽ جو نئون اگهه 184.25 رپيا ۽ ايل ڊي او جو اگهه 166.65 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو