پيٽرول هڪ ۽ ڊيزل 4  رپيا سستو ٿي ويو،نوٽيفيڪيشن جاري

پيٽرول هڪ ۽ ڊيزل 4 رپيا سستو ٿي ويو،نوٽيفيڪيشن جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پيٽرول جي نئين قيمت 256.13 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي،هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 263.95 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 5.25 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي. لائيٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 155.81 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي،گاسليٽ جي قيمت ۾ 3.20 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، گاسليٽ جي نئين قيمت 171.65 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي،وفاقي ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي،پيٽروليم شين جون نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو