پيٽرول جي قيمت گهٽائي وڃي ۽ ليوي فوري طور ختم ڪئي وڃي، شيخ

پيٽرول جي قيمت گهٽائي وڃي ۽ ليوي فوري طور ختم ڪئي وڃي، شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جو 19 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچڻ ۽ هر پاڪستاني جو ساڍا ٽي لک روپين جو قرضي ٿيڻ حڪومت جي نااهلي ۽ مهانگائي گهٽجڻ توڙي معاشي ترقي جي دعوائن جي ترديد آهي. شريف حڪومت جي پيٽرول بمباري عوام کان جيئڻ جو حق کسي وٺڻ جي برابر آهي. دنيا کان وياج تي قرض وٺڻ سان ملڪ نه هلندو. حڪومت جي عوام دشمن قدمن خلاف جماعت اسلامي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. پيٽرول جي قيمت گهٽائي وڃي ۽ فوري طور تي پيٽروليم مصنوعات مٿان عائد ليوي ختم ڪئي وڃي. هن اڄ پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته جتي جنگ ٿي رهي آهي، اتي به حالتون معمول مطابق هلن پيون، پر هتي قوم مٿان فارم47 ذريعي مڙهيل جعلي حڪمران ٽولي جنگ جو سبب ڄاڻائي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي جواز بڻائي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن توڙي کير سميت روزمره جي شين جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو عوام کي جيئري زمين ۾ دفن ڪرڻ جي برابر آهي. نام نهاد جعلي حڪومت کي سڄو بار عوام تي وجهڻ بدران سڀ کان پهرين ڪرپشن، وي آءِ پي ڪلچر ۽ مفت خوري ختم ڪرڻ گهرجي. قومي دولت مان چيئرمين سينيٽ لاءِ 9 ڪروڙ جي گاڏي ۽ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ 11 ارب روپين ۾ جيٽ جهاز خريد ڪرڻ شاهانه خرچ ۽ عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو