پيٽرول ۽ ڊيزل في ليٽر تي عوام ڪيترو ٽيڪس ڀري ٿو؟

پيٽرول ۽ ڊيزل في ليٽر تي عوام ڪيترو ٽيڪس ڀري ٿو؟

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ شامل ليوي، ٽيڪسن ۽ مختلف مارجنز جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 125 رپيا 73 پئسا، جڏهن ته هڪ ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 112 رپيا 65 پئسا ليوي، ٽيڪس ۽ مارجن وصول ڪيا پيا وڃن. دستاويزن موجب، 18 جولاءِ 2026 کان هڪ ليٽر پيٽرول جي بنيادي قيمت 191 رپيا 42 پئسا بڻجي ٿي، پر حڪومت في ليٽر قيمت 315 رپيا 15 پئسا مقرر ڪئي آهي. پيٽرول تي 80 رپيا پيٽروليم ليوي، 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي، 18 رپيا 16 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 6 رپيا 95 پئسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن، 7 رپيا 87 پئسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پئسا ڊيلرز مارجن شامل آهي. اهڙي طرح في ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي بنيادي لاڳت 241 رپيا 70 پئسا آهي، جڏهن ته حڪومت ان جي قيمت 354 رپيا 35 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي آهي. دستاويز موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي مجموعي طور 112 رپيا 65 پئسا ليوي، ٽيڪس ۽ مختلف مارجنز وصول ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو