پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پاران پهرين اپريل 2024ع کان پيٽرول جي اگهن ۾ 9 رپيا 94 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو وڏو سبب اهو آهي ته آمريڪي ڪمپني موگاس پنهنجي پيداوار ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي ۽ اهڙي ريت آمريڪي حڪومت پاران موٽر اسپرٽ جي امپورٽ به وڌي وئي آهي جنهن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه وڌي ويا آهن. وڌي ويا آهن جڏهن ته، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ 1.30 رپيا گهٽتائي جو امڪان آهي ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ طلب گهٽ ۽ رسد وڌيڪ آهي.حڪومتي ۽ صنعت ذريعن موجب پهرين اپريل کان 15 اپريل 2024 تائين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 279.75 رپيا 289.69 رپيا واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 285.49 رپين مان گهٽجي 284.26 رپيا ٿي سگهي ٿي.لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 0.45 پئسا واڌ ٿي سگهي ٿي 168.63 رپيا جڏهن ته گاسليٽ جو اگهه 188.49 رپين مان وڌي 188.66 رپيا ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو