پيرڳوٺ (ن س )پيرڳوٺ ويجهو شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل ناري سميت ٻن جوابدارن ڪٽنب جي 13 گهر ڀاتين کي زهر ڏئي مارڻ جو اعتراف ڪري ورتو، ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ ڪٽنب جي 13 ڀاتين جي قتل جي شڪ هيٺ پوليس سندس نياڻي شائسته ۽ امير بخش بروهي کي گرفتار ڪيو هو، پوليس موجب جوابدارن شادي ڪرائڻ کان انڪار تي اٽي ۾ زهر ملائي 13 ڀاتين کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، برادري جتوئي ٿاڻي تي اهلڪار خيرمحمد گوندل جي فرياد تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو، فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي پاران کاڌي پيتي جي شين جي ورتل سيمپلز ۾ به زهريلي مادي جي تصديق ٿي هئي، زهريلو کاڌو کائڻ سبب 13 گهر ڀاتين ڪجهه ڏينهن اندر هڪٻئي پٺيان دم ڏئي ڇڏيو هو فوتين ۾ گهر ڌڻي گل بيگ بروهي، سندس زال زادي، 3 پٽ منظور، دلبر ۽ دلدار شامل، 5 نياڻين فهميده، سونيا، گل بيبي، مريم ۽ حاجاڻي به زهريلي کاڌي کائڻ سبب دم ڏئي ڇڏيو هو گل بيگ بروهي جو وڏو ڀاءُ محمد بخش، سندس ڏوهٽو شاداب ۽ هڪ پاڙيسري غلام اصغر جو به زهريلي کاڌي کائڻ سبب موت واقع ٿيو










