پيار جو پرڻو ڪندڙ ٻن جوڙن پاران تحفظ جي گهر

نوشهروفيروز/ فيض گنج(نمائندن وٽان) ڳوٺ محمد رمضان جمالي جي جوڙي نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي. پيار پرڻي بعد پريمي جوڙو مسمات سومل لغاري پنهنجي سئوٽ محبت علي لغاري سان گڏ صحافين کي ٻڌايو ته اسان پنهنجي رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي پر شادي کان پوءِ اسان جا مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن جيڪي هٿيار کڻي مارڻ لاءِ ڳولي رهيا آهن جنهن سبب اسان جي زندگين کي خطرو آهي. هنن چيو ته رستم لغاري، پٺاڻ خان، حيدر علي، پانڌي، امير بخش، بهاول ۽ شاهه محمد وارا ڪارو ڪاري الزام

هيٺ مارڻ چاهين ٿا جنهن سبب اسان عدم تحفظ جو شڪار آهيون ۽ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته جان جي ويري بڻيل مائٽن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.*** محرابپور واسي پريمي جوڙي  آفاق علي شيخ ۽ناري اقصيٰ ڪنبوهه احتجاجي ڪندي  صحافين   کي ٻڌايو  ته اسان گهران نڪري نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ پيار پرڻو ڪيو آهي پيار پرڻو ڪرڻ بعد ڇوڪري جي مائٽن جرڳو ڪوٺائي اسان کي ڪارو ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ جي فتوا جاري ڪري ڇڏي آهي هنن چيوته ڇوڪري جو  ڀاء امجد علي محمد رمضان اصغر علي ساجد ڪنبوهه  اسان کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا. هنن آء جي سنڌ ايس ايس پي نوشهرو فيروز کان گهر ڪئي ته کين تحفظ ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو