خانپورمهر(آفتاب سيال)پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو ريما ڪلوڙ ۽ حاڪم مهر بااثر جي خوف سبب دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن جن وس وارن کان تحفظ جي اپيل ڪئي آهي. صحافين سان ڳالهائيندي عادلپور واسڻ ناري ريما ڪلوڙ ۽ ڳوٺ شير مهر جي نوجوان حاڪم مهر ٻڌايو ته بااثر سندن زندگين جا ويري بڻجي ويا آهن، جوڙي جو چوڻ هيو ته اسين اٽڪل اڍائي مهينا اڳ پنجاب جي شهر خانپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنهن کانپوءِ بااثر وڏيرا پمپ مالڪ غفار ڪلوڙ، منير ڪلوڙ ، منظور ڪلوڙ ۽ ٻيا جان جا ويري بڻجي ويا آهن جيڪي اسان کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ چاهين ٿا تنهن ڪري اسين دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون اسين جتي به پناھ وٺون ٿا وڏيرا اتي پهچي وڃن ٿا. ناري ريما ڪلوڙ جو چوڻ هيو ته آئون رضا خوشي سان حاڪم مهر سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي پر منهنجي مڙس جي گهر وارن خلاف عادلپور پوليس رڻ ٻاري ڏنو آهي هر روز پوليس چڙهايون ڪري رهي آهي تنهن ڪري منهنجي مڙس جو خاندان به اسان وانگر دربدر آهي. نوجوان حاڪم مهر ٻڌايو ته پوليس ۽ وڏيرن جي حراسمينٽ سبب منهنجو ننڍو ڀاءُ فوت ٿي ويو آهي جنهن جي تدفين به پاڙيوارن ڪئي آهي اسان کي خطرو آهي ته وڏيرا اسان کي قتل ڪري ڇڏيندا. پريمي جوڙي آءِ سنڌ، ڊي آءِ سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي کان تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو