پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ جو مطالبو

آبادگار(عبدالودود لنڊ) بدين جي ڪورٽ ۾ مينا ڌي شمون ڪولھي ۽ سيوجي پٽ ٿانور ڪولھي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو. بلڙي شاھ ڪريم ۾ ناري ميڊيا کي ٻڌايو ته پھريون مڙس تشدد ڪندو ھو ۽ پئسن عيوض مون کان جسم فروشي ڪرائيندو ھو آئون ان جي ظلمن کان تنگ ٿي گھران ٽن ڪپڙن ۾ نڪري سيوجي ڪولھي سان بدين جي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي آهي آئون گھران نڪتس ته سيوجي ڪولھي مون کي سھارو ڏنو ۽ ھاڻي منھنجو اڳوڻو مڙس اسان خلاف اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي. مون کي ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو مون پنھنجي رضا خوشي سان اڳوڻي مڙس کان طلاق وٺي سيوجي ڪولھي سان ڪورٽ ۾ شادي ڪئي آهي ھاڻي اسان سخت پريشان ۽ دربدر آھيون منھنجا ٻارڙا به آھن انھن کي سھارو ڏيڻ لاء مون شادي ڪئي آهي  ھنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ ھنن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪجھ به ٿيو ان جا ذميدار منھنجا مائٽ ۽ اڳوڻو مڙس ۽ ان جا وارث ھوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو