پوليو ڊيوٽي تي ويندڙ نوجوان ٽرڪ جي ٽڪر سبب فوت

پوليو ڊيوٽي تي ويندڙ نوجوان ٽرڪ جي ٽڪر سبب فوت

ٺٽو (جاويد لطيف ميمڻ )غلام الله شهر سان واسطو رکندڙ نوجوان پوليو ورڪر قيوم درس پوليو جي ڊيوٽي تي فيلڊ ۾ وڃڻ لاء گھر کان ھليٿ سينٽر غلام الله اچي رھيو ھو ته اوچتو رستي م ريتي سان ڀريل ھڪ تيز رفتار ٽرڪ سندس موٽر سائيڪل مٿان چڙھي وئي جنھن جي نتيجي ۾ ھو پاڻ ٽرڪ جي پوئين ٽائر ھيٺان اچي چيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو آهي سندس اچانڪ وڇوڙي جي خبر جيئن ئي سندس گھر پھتي ته ڪھرام مچي ويو سندس لاش کي سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش کي وارثن حوالي ڪري گھر روانو ڪيو ويو ٺٽي ۾ پوليو لاءِ ڪم ڪندڙ ھيلٿ ورڪرن پاران صحت کاتي ۽ ڊبليو ايڇ او کاڻ مطالبو ڪيو ويو آھي ته پوليو ڊيوٽي لاءِ ويندڙ نوجوان قيوم درس جي ٻچڙن جي مالي سهائتا ڪئي وچي.

پهنجو تبصرو موڪليو