پوليوم مهم ۾ عالم ۽ سماجي ڪارڪنن ڪردار ادا ڪن

پوليوم مهم ۾ عالم ۽ سماجي ڪارڪنن ڪردار ادا ڪن

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عالم، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن پوليو جي خلاف پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن.تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پاڪستان مان پوليو جو خاتمو اسان جي مستقبل جي لاءِ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته مهم ۾ 83 هزار تربيت يافته فرنٽ لائن ورڪرز ۽ 24 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.سيد مراد علي شاهه چيو ته ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ اسان جي قومي ذميواري آهي. هن چيو ته خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو آصفه ڀٽو زرداري کي پوليو جا ڦڙا پياريا هئا. هن چيو ته صوبي ۾ تقريبن 80 سيڪڙو ماحولياتي نمونا مثبت آيا هئا، جيڪي هاڻ گهٽ ٿي 24 سيڪڙو رهجي ويا آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت صحت جون بنيادي سهولتون عوام جي دهليز تائين پهچائڻ لاءِ پڪا قدم کڻي رهي آهي.هن ٻڌايو ته ست ڏينهن جي پوليو مهم دوران صوبي ۾ هڪ ڪروڙ ڇهه لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا جڏهن ته طاقت وڌائڻ جي لاءِ 94 لک ٻارن کي وٽامن اي به ڏنو ويندو. انهي کان اڳ وڏي وزير ڪلاس رومز ۾ وڃي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا، انهي موقعي تي صوبائي وزير سردار شاهه ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو