اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پوليس ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون. اسلام آباد ۾ اڳوڻي انسپيڪٽر جنرلز آف پوليس جي 7هين سالياني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پوليس ملڪ ۾ امن امان لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نرسنگ ۽ پوليس جي مقدس پيشن جي تقدس جو خيال ناهي رکيو ويو. هن چيو ته نوڪري جي ڪهڙي به نوعيت هجي، فرض نڀائڻ آهي، ملڪ ۾ امن لاءِ سياسي پارٽين کي گڏجي قانون سازي ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آئين موجب ڪو به فرد يا گروهه پرتشدد عمل ۾ ملوث نه ٿو ٿي سگهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا لاقانونيت خلاف اڳڀرائي ۾ نظر اچن ٿا.










