پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ياسين بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب

پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ياسين بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ نوجوان ياسين مري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.عدالت پوليس خلاف مقتول جي وارثن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جاچ آفيسر ايس ايس پي سکر عدالت ۾ پيش ٿيو.ايس ايس پي سکر عدالت کي ٻڌايو ته جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ياسين جتي ڪم ڪندو هو ان جي سي سي ٽي وي به حاصل ڪئي وئي آهي، وڌيڪ جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي.ٻڌڻي دوران پوليس جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ياسين ضرور اتي ڪم ڪري رهيو هو پر هو ان وقت اتي نه هو. سي سي ٽي وي فوٽيجز جي فرانزڪ ڪرائي وڃي.عدالت ۾ ڏنل پنهنجي بيان ۾ مقتول جي پيءُ چيو ته نوابشاهه پوليس منهنجي پٽ ياسين مري کي بيگناهه قتل ڪيو، منهنجي پٽ کي ايس ايس پي نوابشاهه جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو.درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان جي اکين ڏٺي شاهدن کي حراسان ڪيو پيو وڃي.عدالت هدايت ڪئي ته جنهن کي شاهدي ڏيڻي آهي ايس ايس پي سان ملاقات ڪري.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس کان پيش رفت رپورٽ طلب ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو