پورٽ قاسم ۾ ڪاروباري برادري جي شڪايتن جي حل لاءِ ڪميٽي قائم

پورٽ قاسم ۾ ڪاروباري برادري جي شڪايتن جي حل لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پورٽ قاسم ۾ زمين بابت ڪاروباري برادري جي شڪايتن جي حل لاءِ هڪ خاص ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي وفاقي وزير بحري معاملن محمد جنيد انور چوڌري جي هدايت تي قائم ڪئي وئي هئي. وفاقي وزير جنيد انور چوڌري چيو ته ڪميٽي جو مقصد پورٽ قاسم ۾ سيڙپڪاري جي ماحول کي بهتر بڻائڻ آهي، زمين بابت مليل شڪايتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ بورڊ کي سفارشون پيش ڪيون وينديون. وفاقي وزير شڪايت سيل ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي پاران مليل شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي ويندي. جنيد انور چوڌري چيو ته شڪايتن ۽ درخواستن جي حل لاءِ هڪ معياري طريقيڪار تيار ڪيو ويندو، ۽ ميري ٽائيم ۽ لاجسٽڪ شعبي ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو