اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته افغانستان ۾ پاڪستاني سرحد تي پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي خارجين جي دهشتگرد ڪيمپن تي پاڪستاني ڪارروائي جي ڀيٽ ڀارت جي بهاوالپور، مريد ڪي ۾ مسجدن ۽ مدرسن تي غيرقانوني حملن سان ڪرڻ سراسر غلط ۽ غير مناسب آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته سموري دنيا ۽ گڏيل قومن به افغان طالبان جي اثر هيٺ افغانستان ۾ دهشتگردي جي خلاف آهيون، پاڪستان ۾ روزاني افغانستان مان آيل دهشتگردن جي جوڙجڪ ۽ دهشتگردي انهي جو واضح ثبوت آهن.دفاع واري وزير چيو ته پهلگام واقعي تي ڀارت اڄ تائين ثبوت نه ڏئي سگهيو، جڏهن ته پاڪستان غير جانبدار جاچ جي به آڇ ڪئي. گڏيل قومن طرفان جاري رپورٽ به ڪليئر ڪري ٿي ته ڀارتي جارحيت غيرقانوني ۽ بي ثبوت هئي پاڪستان جو جواب مڪمل طور تي جائز هو. هن چيو ته ڀارت ۽ انهن جا پروڪسي خوارج ۽ انهن جي همدردن جو ڪنهن به قسم جو شڪ اسان ڪالهه به ختم ڪيو هو ۽ اڄ به.










