اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزيراطلاعات، نشريات عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم هڪ سال اڳ پهلگام واقعي تي پاڪستان جو واضح ٻن لفظن ۾ موقف پيش ڪيو هو جنهن ڀارت کي بي بنياد الزامن کي عالمي سطح تي بي نقاب ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي بليم گيم جو ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو آهي، وزيراعظم جو تاريخي خطاب انهي سلسلي ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. عطاءُالله تارڙ ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي جي متاثرين سان همدردي ۽ عالمي سطح تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، پر ڀارت جو رويو هميشه جيان منفي رهيو جيڪو دهشتگردي جي واقعن تي نه ته مذمت ڪري ٿو ۽ نه ئي افسوس جو اظهار. هن چيو ته ڀارت دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي، بي ايل اي، ٽي ٽي پي سميت ٻين دهشتگرد گروپن جا نشان به ڀارت سان ئي ملن ٿا.وفاقي وزير ياد ڏياريو ته وزيراعظم ڀارت کي پهلگام واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ جي آڇ ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ ڀارت سفارتي محاذ تي مڪمل طور تي پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويو. ڀارت طرفان انهي آڇ جو جواب نه ڏيڻ پاڻ انهي جي موقف تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ حياتين جون قربانيون ڏئي چڪا آهن انهي کي 600 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان کڻڻو پيو آهي جيڪو پاڪستان جي سچ ۽ قرباني جي روشن حقيقت آهي. عطاءُالله تارڙ واضح ڪيو ته وزيراعظم سفارتي محاذ تي پاڪستان کي هٿي ڏني ۽ ٻن لفظن ۾ پيغام ڏنو ته پاڻي پاڪستان جي ريڊ لائن آهي جنهن تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪ فوج ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پوري قوم پنهنجي دفاع جي لاءِ هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته ڪاڪول ۾ وزيراعظم جو خطاب ملڪي تاريخ ۾ دفاعي ۽ سفارتي حوالي سان هميشه ياد رکيو ويندو.










