پهريون ڀيرو 48 ميگا پڪسل ڪيمرا وارو موبائل متعارف

پهريون ڀيرو 48 ميگا پڪسل ڪيمرا وارو موبائل متعارف

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) اوپو جي ذلي ڪمپني ”ريئل مي“ پاران پنهنجا نوان موبائل سيٽ پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پڌرا ڪيا ويا آهن. ريئل مي 5 سيريز جا ٻئي فون ”مڊ رينج“ سمجهيا وڃن ٿا ۽ ڪمپنيءَ دعويٰ ڪئي آهي ته انهن مان هڪ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پڌرو ٿيندڙ اهڙو موبائل فون آهي جنهن جي ڪيمرا 48 ميگا پڪسل آهي. اهي ٻئي فون سيٽ ٻه ڏينهن اڳ لاهور ۾ پڌرا ڪيا ويا. انهن مان هڪ فون ريئل مي 5 جي اسڪرين 6.5 انچ ڊسپلي واري آهي، ان جي ريم 3 کان 4 جي بي آهي ۽ اهو موبائل 128 جي بي جي اسٽوريج وارو آهي. ريئل مي 5 پرو نالي سيٽ ۾ 6.3 انچ جو ايف ايڇ ڊي پلس ڊيو ڊراپ ڊسپلي ڏنو ويو آهي جنهن ۾ 4 کان 8 جي بي ريم ۽ ۽ 128 جي بي اسٽوريج آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو