دبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت 48.1 اوورن ۾ ٽارگيٽ حاصل ڪري آسٽريليا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. سڀاڻي اربع تي لاهور م ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ جيڪا ٽيم کٽندي اها دبئي ۾ ڀارت سان فائنل کيڏندي. ڀارت 265 رنسن جو ٽرگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ بيٽنگ شروع ڪئي ته اوپنر شبمن گل 8 رنسون ٺاهي بن دوارشس جي بال تي ان سائيڊ آئوٽ ٿيو۽ روهت شرما 28 رنسون ٺاهي ڪوپر ڪنولي جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. آسٽريليا جي پاور پلي جي ابتدائي اوورن ۾ اوپنرز جا ٽي ڪيچ ڊراپ ٿيا. جنهن بعد ويرات ڪوهلي ۽ شيرياس آئر اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 134 تي ڀارت جي ٽئين وڪيٽ ڪري جڏهن شيرياس کي ايڊم زمپا بولڊ ڪيو. جنهن بعد اڪثر پٽيل 27 رنسون ٺاهي ناٿن ايلس جي بال تي بولڊ ٿيو. ڀارتي ٽيم جي مشڪل وقت ۾ ويرات ڪوهلي شاندار راند کيڏندي 5 چوڪن جي مدد سان 98 بالن تي 84 رنز ٺاهي زمپا جي بال تي بين دوارشس هٿان ڪيچ ٿيو. ان وقت ڀارتي ٽيم کي جيترا بال باقي هئا اوترون رنسون گهربل هيون. جنهن بعد هاردڪ پانڊي ۽ ڪي ايل راهول اسڪور اڳتي وڌايو ۽ پانڊي 24 بالن تي 28 رنسون ٺاهي ناٿن ايلس جي بال تي ميڪسويل هٿان ڪيچ ٿيو. ان وقت ڀارت کي 6 رنسون گهربل هيون ته رويندرا جديجا آيو پر راهول ڇڪو هڻي ميچ کٽي ورتي. هو 34 بالن تي 42 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. کٽي ورتي. ان کان اڳ آسٽريليا 49.3 اوورن ۾ 264 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. چيمپئنز ٽرافي جو پهريون سيمي فائنل دبئي ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ کيڏيو پيو وڃي. آسٽريليا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا جو اوپنر ڪوپر ڪونولي بنا رن ٺاهڻ جي محمد شامي جي بال تي ڪيپر ڪي ايل راهول هٿان ڪيچ ٿي ويو. 4 رنز تي پهرين وڪيٽ ڪرڻ بعد ٻيو اوپنر ٽريوس هيڊ ٻن ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 33 بالن تي 39 رنز ٺاهي ورون جي بال تي شبمن گل هٿان ڪيچ ٿي ويو ۽ نائين اوور ۾ آسٽريليا جي ٻئي وڪيٽ 54 تي ڪري پئي. 110 تي ٽئين وڪيٽ 23 هين اوور ۾ جديجا حاصل ڪئي جڏهن مارنس لبوشي 29 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿيو. جوش انگلس 11 رنز ٺاهي جديجا جي بال تي ڪولهي هٿان ڪيچ ٿي ويو. ڪپتان اسٽيو سمٿ هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 96 بالن تي 73 رنز ٺاهي شامي جي فل ٽاس بال تي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد ميڪسويل اڪثر پٽيل کي ڇڪو هنيو ۽ ٻئي بال تي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد اليڪس ڪيري جو ساٿ ڏيڻ بين دوارشس آيو جيڪو 19 رنسون ٺاهي ورون جو ٻيو شڪار بڻيو ۽ آسٽريليا 46 هين اوور ۾ 239 تي 7 وڪيٽون ڪري پيون. 248 جي مجموعي اسڪور تي ايڊم زمپا کي محمد شامي ايل بي ڊبليو ڪيو ۽ امپائر آئوٽ به ڏنو پر رويو ۾ ناٽ آئوٽ رهيو. جنهن بعد اڳئين اوور ۾ هاردڪ پانڊي کان ڊبل رن وٺڻ جي چڪر ۾ ايلڪس ڪيري 61 رنسون ٺاهي سيرياس آئر جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد آخري اوور ۾ هاردڪ پانڊي ايڊم زمپا کي بولڊ ڪيو ته آسٽريليا 49.3 اوورز ۾ 264 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. شامي 3، ورون ۽ جديجا ٻه ٻه ، هاردڪ پانڊي ۽ اڪثر پٽيل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.










