برسات سبب راند ٻيهر شروع نه ٿي سگهي، زمبابوي فاتح قرار

برسات سبب راند ٻيهر شروع نه ٿي سگهي، زمبابوي فاتح قرار

بولاويو(ويب ڊيسڪ) پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان 21 اوورن م۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 60 رنسون ٺاهيون ته برسات شروع ٿي وئي جيڪا آخر تائين بند نه ٿي، جنهن بعد ڊڪ ورٿ لوئس فارمولي موجب ميزبان زمبابوي کي 80 رز تان فاتح قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ پاڪستان جي بيٽنگ لائين مشڪل جو شڪار رهي. ٽئين اوور ۾ اوپنر عبدالله شفيق 3 رنز ٺاهي موزارباني جي بال تي مروماني هٿان ڪيچ ٿيو، پنجين اوور ۾ صائم ايوب به 11 رنز ٺاهي ساڳئي بالر جي بال تي ساڳئي پليئر هٿان ڪيچ ٿيو. ڪامران غلام 17 رنز ٺاهي اسپنر وليم جي بال تي مروماني هٿان ڪيچ ٿيو. سلمان آغا 4 رنز ايل بي ڊبليو ۽ حسيب الله زيرو تي بولڊ ٿيا ٻئي شڪار سڪندر رضا ڪيا. عرفان خان به وليم جي بال تي 7 رن ٺاهي بولڊ ٿيو. پاڪستاني اننگ جي 21 هين اوور ۾ بارش سبب راند روڪي وئي. پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ بولاويو ۾ کيڏي پئي وڃي جنهن ۾ ميزبان ٽيم پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 206 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. زمبابوي جي ٽيم 40.2 اوورن ۾ 205 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، قومي ٽيم طرفان ڊيبيو ڪندڙ فيصل اڪرم ۽ سلمان علي آغا 3-3 وڪيٽون ورتيون. حارث رئوف هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته عبدالله شفيق هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو، ان کان علاوه عامر جمال ۽ محمد حسنين هڪ هڪ رانديگر کي پويلين موٽايو.پاڪستان پهرين ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي.قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس جي موقعي تي چيو ته پاڪستاني ٽيم ۾ نوجوان رانديگر به شامل آهن.پاڪستان طرفان فيصل اڪرم ڊيبيو ڪندو.پاڪستان جي فائنل اليون ۾ سعيد ايوب، عبدالله شفيق، ڪامران غلام، محمد رضوان، حسيب الله، سلمان آغا ۽ عرفان خان شامل آهن.ان کان علاوه عامر جمال، حارث رئوف، محمد حسنين ۽ فيصل اڪرم به فائنل اليون جو حصو آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو