پنوعاقل(ن س) پنوعاقل ۾ چوريءَ جي الزام هيٺ پيرسن عورت ٻن جوان ڌيئرن سميت گرفتار، اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب پنوعاقل ۾ بااثر شخص عامر شيخ ۽ فياض شيخ گهر ۾ ڪم ڪندڙ ملازم عورت بيواهه فيروزه شيخ مٿان 40 تولا سونا زيور چوري جو الزام هڻي کيس ٻن جوان نياڻين اِقرا ۽ بوبي سميت گرفتار ڪرائي سکر وومين ٿاڻي تي بند ڪيو ويو آهي متاثر فيروزه شيخ جو چوڻ آهي ته اسان انتهائي غريب آهيون ۽ چار مهينا اڳ عامر شيخ وارن جي نوڪري به ڇڏي آئي آهيان جن جي چوري هاڻي ٿي آهي ۽ هنن ڪوڙو الزام مون تي لڳايو آهي بيواهه عورت ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي. علائقي ۾ چوٻول آهن ته الزام هيٺ آيل عورتن کي لاڪ اپ ۾ ڪرنٽ ڏيڻ سان گڏ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي










