پنجاب ۾ ڊينگي جا 67 نوان مريض ظاهر،رپورٽ

پنجاب ۾ ڊينگي جا 67 نوان مريض ظاهر،رپورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 67 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.ان حوالي سان صوبائي صحت واري سيڪريٽري علي جان خان ٻڌايو آهي ته لاهور ۾ 28، راولپنڊي ۾ 15 ۽ فيصل آباد ۾ 6 ڊينگي جا مريض سامهون آيا آهن.سيڪريٽري صحت ٻڌايو ته ملتان ۽ شيخوپوره ۾ ڊينگي جا 3، 3 جڏهن ته بهاولنگر ۾ 2، گوجرانوالا، ننڪانه، گجرات ۽ بهاولپور ۾ هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.هن چيو ته ٽوبه، نارووال، مظفر ڳڙهه، چکوال، رحيم يار خان ۽ خوشاب ۾ ڊينگي جو هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي، پنجاب ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين ڊينگي جا 1042 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.علي جان خان جو چوڻ آهي ته پنجاب جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 61 مريض علاج هيٺ آهن، هن سال پنجاب جو ڪوبه شهري ڊينگي سبب فوت ناهي ٿيو.ٻئي طرف ڊينگي ماهرن جي ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لاهور جي خانگي اسپتال ۾ 50 ورهين جو الياس ڊينگي سبب فوت نه ٿيو، ڪلينڪل آڊٽ ۾ ثابت ٿيو آهي ته الياس جو موت ڪيترن ئي عضون جي ناڪامي سبب ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو