پنجاب ۾ پرڻيل عورت تي تشدد، انصاف جي اپيل

پنجاب ۾ پرڻيل عورت تي تشدد، انصاف جي اپيل

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)پنجاب جي ضلعي بھاول نگر جي ٿاڻي ھارون آباد  جي رياض ڪالوني۾ پرڻيل سيٺارجا واسي عورت ساهرن تي تشدد ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي.  عثمان آباد پاڙي جي رھواسي مرحوم ڊاڪٽر رشيد  احمد ڪمبوه جي  نياڻي مسمات مريم زخمي حالت ۾ سيٺارجا پنھنجي والدين جي گھر پھچي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس مڙس عبد الرئوف ڪمبوه ۔ڏيرن عبدالقيوم ۔ عبدالباسط ۽ سندن بااثر ڀيڻيويي محمد اقبال پاران ڪجھه عرصي کان مون کي گھر جي ڪمري ۾ قيد ڪري  جسماني ۽ ذھني تشدد جو نشانو بڻايو پئي ويو ۽ گذريل ڏينھن مون کي تشدد ڪري رتورت ڪيو ويو جنھن بعد مان وجھ وٺي ٽن ٻارن سميت اتان نڪري ھتي والدين جي گھر پھتي آھيان ھن چيو ته منھنجو مڙس ۽ سندس ڀائرن منھنجي زندگي زھر بڻائي ڇڏي ھئي ۽ ھينئر به منھنجي ڀائرن ۽ مون کي اغوا ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ھن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته ھن ظلم جو نوٽس وٺي کين قانون جي گرفت ۾ آڻي انصاف ڏياريو وڃي. زخمي ناري کي علاج لاءمقامي اسپتال داخل ڪرايو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو