پنجاب ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جو حڪم، ڪومبنگ آپريشن جي هدايت

پنجاب ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جو حڪم، ڪومبنگ آپريشن جي هدايت

لاهور(ويب ڊيسڪ) آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي سوئيپ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان سميت سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.آءِ جي پنجاب هدايت ڪئي ته صوبي ۾ فوري طور تي سوئيپ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪيا وڃن. ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز ڪومبنگ آپريشن ۾ سي ٽي ڊي ۽ ٻين ادارن سان گڏ هوندا. سي ٽي ڊي، ايس ڊي پي اوز ٻين سيڪيورٽي ادارن سان گڏ صوبي جي تعليمي ادارن ۾ ماڪ مشقون به ڪندا.آءِ جي پنجاب هدايت ڪئي ته تعليمي ادارن جي داخلا ۽ نڪرڻ وارن هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳايا وڃن، تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي گارڊ لڳايا وڃن ۽ هنگامي طور تي انخلا کي به يقيني بڻايو وڃي.ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته صوبي کان ٻاهر ايندڙ ماڻهن جي فوري طور تي پروفائلنگ ۽ ڊيٽا چيڪنگ ڪئي وڃي، ٽي ايل پي سميت سڀني پابندي مڙهيل تنظيمن جي باقاعده نگراني جاري رکي وڃي، ۽ دهشتگردن ۽ شرپسند عنصرن کي روڪڻ لاءِ دروازن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو