لاهور (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي هيڪرز پاران پنجاب فارنسڪ سائنس ايجنسي جي ڊيٽا تي سائبر حملو ڪيو ويو آهي.پنجاب فارنسڪ سائنس ايجنسي جي ترجمان موجب، پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۽ فارنسڪ سائنس ايجنسي جي ٽيمن سائبر حملي کي ناڪام بڻايو.ترجمان موجب، سائبر حملن کان بچاءُ لاءِ هڪ منصوبو هو، جنهن تي بروقت عمل ڪيو ويو، ۽ پنجاب فارنسڪ سائنس ايجنسي جا سڀئي رڪارڊ ۽ رپورٽون محفوظ آهن.










