لاهور: (ويب ڊيسڪ) پ پ جو سينئر اڳواڻ ۽ پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ميان منظور وٽو لاڏاڻو ڪري ويو. رپورٽ موجب ميان منظور وٽو پنجاب جي وڏي وزير، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڪشمير جي معاملن بابت وفاقي وزير به رهيو.مرحوم جي جنازي نماز سڀاڻي(17 ڊسمبر) اربع جي ڏينهن حويلي وساوي والا اوڪاڙه ۾ 2 وڳي ادا ڪئي ويندي. پيپلز پارٽي جي پنجاب قيادت پنجاب جي اڳوڻي وزيراعليٰ ميان منظو احمد وٽو جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.راجه پرويز اشرف چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پارٽي قيادت ۽ ڪارڪن سوڳوار خاندان سان گڏ آهيون. حسن مرتضيٰ چيو ته الله تعاليٰ مرحوم ميان منظور احمد وٽو جون آخري منزلون آسان ڪري.ميان منظور وٽو 1993 ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ جي عهدي تي فرض ادا ڪيا. ميان منظور وٽو 1985 کان 1993ع تائين پاڪستان مسلم ليگ ۾ رهيو.1993ع کان 1995 تائين مسلم ليگ جوڻيجو ۾ رهيو. 1995 کان 2002 تائين پاڪستان مسلم ليگ جناح ۾ رهيو. 2002 کان 2008 تائين پاڪستان مسلم ليگ(ق) ۾ رهيو. 2008 کان 2018 تائين پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ رهيو. 2018 کان 2020 تائين تحريڪ انصاف ۾ رهيو. 2020 کان پوءِ ميان منظور وٽو ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.










