لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب بار ڪائونسل اڄ سڄي صوبي ۾ روڊن تي جنرل هائوس اجلاس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.پنجاب بار ڪائونسل پاران جاري ڪيل بيان موجب، اڄ کان پوليس اهلڪارن جي عدالت جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي، پنجاب جي بار ايسوسيئيشن روڊن تي جنرل هائوس اجلاس منعقد ڪن، ۽ اجلاس جي وڊيو رڪارڊنگ چيئرمين ايگزيڪيوٽو کي موڪلي وڃي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ماتحت عدالتن ۾ اڄ وڪيلن جي هڙتال هوندي، وهاڙي ۾ وڪيل جي قتل ۽ جهنگ ۾ اڳوڻي صدر جي قتل جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، آءِ جي پنجاب جان بوجھ ڪري وڪيلن جي نمائندن سان ملاقات ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي.










