اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ 12 کان 14 مارچ تائين جمع ڪرايا ويندا.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 22 مارچ تائين ڪئي ويندي.نامزدگي ڪاغذن تي اپيلون 27 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون، اليڪشن ٽربيونل 3 اپريل تائين اپيلون اڪلائيندا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذ 5 اپريل تائين واپس وٺي سگهجن ٿا، چونڊ نشان 6 اپريل تي ڏنا ويندا.










