پنجاب،ڪوهيڙي سبب ايم 2، ايم 3 ۽ ايم 4 جا مختلف حصا بند

پنجاب،ڪوهيڙي سبب ايم 2، ايم 3 ۽ ايم 4 جا مختلف حصا بند

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۽ پنجاب جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي سبب ڪيترائي موٽر وي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا.سينٽرل ريجن موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، لاهور کان ڪوٽ مومن تائين موٽر وي ايم 2، فيض پور کان سامونڊي تائين موٽر وي ايم 3، ۽ پنڊي ڀٽيان کان گوجرا تائين موٽر وي ايم 4 کي ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح لاهور-سيالڪوٽ موٽر وي ايم 11 کي به ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، تڪليف کان بچڻ لاءِ، شهري صبح 10 وڳي کان رات 8 وڳي تائين پنهنجو سفر مڪمل ڪن، رات جو غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، گاڏي ۾ فوگ لائيٽ استعمال ڪن، ۽ وائپر کي صحيح حالت ۾ رکن.ترجمان موجب، اڳيان گاڏي کان معمول کان وڌيڪ فاصلو رکو، ۽ ڪوهيڙي ۾ ڪڏهن به هاءِ بيم استعمال نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته اهو وڌيڪ نظر گهٽائي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو